چغدي بيگ

چغدي بيگ: سلجوقي بادشاهن جو اهم فرد ٿي گذريو آهي، پير حسام الدين راشدي ’سلجوق نامه‘ ڪتاب جي مقدمي ۾ نروار ڪيو آهي ته سلجوقين پنج راڄڌانيون قائم ڪيون: (1) سلاجقهء بزرگ (عراق ۽ ايران)، (2) سلاجقهء عراق ۽ اوڀر ايران، (3) سلاجقهء ڪرمان، (4) سلاجقهء شام، (5) سلاجقهء روم. تاريخ ايران جي ليکڪ موجب سلجوق کي چار پٽ ٿيا، انهن ۾ هڪ جو نالو ميڪائل هو. هن جي ٻن پٽن جو نالو مشهرو آهي طغرل بيگ ۽ چغدي بيگ دائود. راشدي صاحب جي مٿي ڏنل بيان موجب سلاجقهء بزرگ شاخ جو پهريون حڪمران طغرل بيگ ٿيو. طغرل بيگ 1037ع کان 1063ع تائين حڪمراني ڪئي. چغدي بيگ مختلف مرحلن تي سلجوقي حاڪميت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، ليڪن هن کي سڌو حڪمران ٿيڻ جو ڪڏهن به موقعو نه مليو. طغرل بيگ جي وفات کانپوءِ الپ ارسلان بادشاهه بنيو.


لفظ چغدي بيگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو